|
چلي ۾ زلزلو، فوتين جو انگ 708 ٿي ويو |
 |
|
سانتياگو (اي پي پي) چلي ۾ آيل زلزلي سبب فوتين جو انگ
وڌي 708 ٿي ويو آهي. زلزلي جي لوڏن سبب چلي واسي راتيون
گهرن کان ٻاهر گذارڻ تي مجبور آهن. چلي جي صدر مائيڪل
بيڪليٽ صحافين کي ٻڌايو ته چلي ۾ آيل زلزلي سبب 708 ڄڻا
فوت ٿي چڪا آهن. زلزلي کان پوءِ چلي ۾ تباهي ۽ بربادي وارا
منظر هر طرف نظر اچي رهيا آهن ۽ اهو سانحو هن وقت تائين
708 قيمتي جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي. چلي جي سامونڊي علائقن ۾
وڏي انگ ۾ عمارتون، پلون ۽ رستا تباهه ٿي ويا آهن ۽ رستن
تي گاڏيون تباهه ٿيل نظر اچي رهيون آهن. زلزلي سبب 20 لک
کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 15 لک گهرن کي
نقصان پهتو آهي. زلزلي متاثر علائقن ۾ امداد نه پهچڻ سبب
خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ ڦرلٽ
ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. |
|
|
|
|
|
|