صوبي اندر امن جي قيام ۾ غفلت برداشت نه ڪبي: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا

ڪراچي (اي پي پي) گهرو معاملن واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا آءِ جي پوليس سنڌ کي هدايتون ڏنيون آهن ته ضلعي انتظاميه سان رابطن ۾ رهندي سڄي صوبي ۾ اعتراض جوڳي ۽ دل آزاريندڙ وال چاڪنگ، پوسٽرز، سلوگنز کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ چڙ ڏياريندڙ ۽ فرقيواراڻين تقريرن تي مشتمل مواد، آڊيو ڪيسٽن وغيره جي ورهاست ۽ وڪري جي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهڙن ڪمن ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. اهي هدايتون هن خيرپور ۾ ٿيل فرقيواراڻي ڇڪتاڻ جي مبينه واقعي تي نوٽيس وٺندي جاري ڪيون. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ڄاڻايل واقعي جي تفصيلي رپورٽ فوري طور تي اماڻي وڃي ته جيئن غفلت، لاپرواهي ۽ بي ڌياني سان فرض نڀائيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف کاتيوار قانوني ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن سي سي پي او ڪراچي، ريجنل پوليس آفيسر سکر، حيدرآباد کي هدايتون ڏنيون ته ضلعي سطح تي ايڊمنسٽريٽرز جي معاونت سان بين المذهبي هم آهنگي جي امن ڪميٽين کي حقيقي معنيٰ ۾ فعال ڪيو وڃي ته جيئن ان جي نتيجي ۾ اختيار ڪيل قدمن تحت امن کي هٿي ملي سگهي.گهرو وزير هدايت ڪئي ته صوبي ۾ سمورين مسجدن، امام بارگاهن ۽ اقليتي برادري جي عبادت گاهن تي سيڪيورٽي جي انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.