ايران يورپي ملڪن کي تيل ۽ گيس جي فراهمي روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪرمان (اي پي پي) ايران يورپي ملڪن کي تيل ۽ گيس جي فراهمي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. سينيئر ايراني فوجي عملدارن جو چوڻ آهي ته ايران خلاف سازش ڪندڙ سمورا ملڪ اسان جي ميزائلن جي زد ۾ آهن. مقامي خابرو اداري موجب ايراني انقلابي گارڊز جي ڊپٽي ڪمانڊر حسين سلامي اڳوڻن فوجين ۽ رضاڪارن جي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايران وٽ عالمي توانائي جا 50 سيڪڙو ذخيرا موجود آهن، ان لاءِ هاڻي اهو فيصلو ڪرڻ يورپ جو ڪم آهي ته اهو سياري جي مند ڪيئن گذارڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي خلاف جتي جتي سازشون ٿي رهيون آهن هاڻي اسان جون ميزائل ٽوڙ ٽينڪون ان کي نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. ان کان علاوه اسان جا انجنيئر ٻين شعبن ۾ تيزي سان پيش رفت ڪري رهيا آهن. ايران تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي پر عالمي اقتصادي پابنين جي ڪري ملڪي معيشيت سخت متاثر ٿي چڪي آهي.