|
سعودي ۽ ڀارت ۾ 9 معاهدا، پاڪستان سان نئون باب کولڻ لاءِ
تيار آهيون:
من
موهن |
 |
|
رياض (آن لائن): ڀارتي وزير اعظم من موهن سنگهه پاڪ – ڀارت
جي مستقبل کي هڪ ٻئي سان سلهاڙيندي چيو آهي ته جيڪڏهن
پاڪستان سهڪار ڪري ته ڪو اهڙو مسئلو ناهي جيڪو حل نه ٿي
سگهي. من موهن سنگهه رياض ۾ سعودي عرب جي مجلسي شوريٰ کي
خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف موثر ڪارروائي ڪري
ته ڀارت هڪ قدم اڳتي وڌائي لاڳاپن جو نئون باب کولڻ لاءِ
تيار آهي. هن چيو ته خطي ۾ ترقي جا ڪيترائي موقعا موجود
آهن پر انهن مان فائدو تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن خطي ۾
امن هجي. من موهن سنگهه چيو ته خطي ۾ امن پاڪستان جي
سهڪار سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جو
مستقبل هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهي ۽ لاڳاپن ۾ بهتري دهشتگردي
خلاف جنگ جي ڪارروائين تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽
ڀارت وچ ۾ لاڳاپا بهتر هجن ته واپار ۽ ترقياتي منصوبن سميت
ڪيترن ئي شعبن ۾ ترقي جا موقعا فراهم ٿي سگهن ٿا. |
|
|
|
|
|
|