جنرل ڪياني سان آسٽريلوي وفد جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (آن لائن): آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان آسٽريليا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار  ۽ ڪمانڊر جوائنٽ ٽاسڪ فورس  ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. آءِ ايس پي آر موجب آسٽريليا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊنڪن جونز ۽ ڪمانڊر جوائنٽ ٽاسڪ فورس جنرل جان ڪينٽومِل جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ دهشتگردي خلاف جنگ، پاڪ افغان سرحد تي سيڪورٽي جي صورتحال ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.