|
سعودي عرب جي ٽياڪڙي ۾ ڪو نقصان ناهي: خورشيد قصوري
|
 |
|
اسلام آباد(اي پي پي) اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد محمود
قصوري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت لاءِ پنهنجا تڪرار پرامن
نموني ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ بهتر آهي ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ
آسان طريقو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چينل کي مختصر انٽرويو ۾
هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو بااعتماد ۽ دوست ملڪ آهي
جيڪڏهن اهو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري ٿو ته ان ۾ ڪو
به نقصان نه ٿيندو. هن چيوته ساڳي ئي وقت پاڪستان ۽ ڀارت
وچ ۾ تڪرارن جي حل لاءِ ٻه طرفيون ڳالهيون بهترين رستو آهن.
ٻنهي ملڪن کي سنجيدگي سان ڳالهين جو عمل شروع ڪرڻ گهرجي. |
|
|
|
|
|
|