|
گڏيل قومن جي خوراڪ واري اداري کي صوماليا مان نڪري وڃڻ جو
حڪم |
 |
|
موغاديشو (اي پي پي) صوماليا جي عسڪري اسلامي گروپ الشباب
گڏيل قومن جي خوراڪ واري اداري کي صوماليا مان نڪري وڃڻ جو
حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. الشباب جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي
خوراڪ واري اداري تي مڪمل طور تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽
اداري کي صوماليا ۾ پنهنجا سمورا آپريشنز روڪي نڪري وڃڻ جو
چئي ڇڏيو، ترجمان موجب اداري طرفان خوراڪ ورهائڻ سبب مقامي
هارين تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. ترجمان چيو ته عالمي
اداري جي فوڊ ايجنسي امداد کان وڌيڪ هتي سياسي ايجنڊا تي
ڪم ڪري رهي آهي. |
|
|
|
|
|
|