چين پاران چلي جي زلزلي متاثرن لاءِ 10 لک ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان

بيجنگ(اي پي پي) چين طرفان چلي جي زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ 10 لک ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان گذريل ڏينهن واپار واري وزارت جي ويب سائيٽ تي چين جي حڪومت پاران ڪيو ويو آهي. چين جي صدر هوجن تائو چلي جي سربراهه مچلي بيچليٽ سان تعزيت ڪندي مدد جي آڇ ڪئي آهي. واضح رهي ته چلي ۾ گذريل هفتي 8.8 جي شدت سان آيل زلزلي سبب هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 700 ماڻهن جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ملڪ جي عمارتن ۽ انفاراسٽڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.