|
عدالتون انصاف فراهم ڪن پيون، ادارا حدن ۾ رهي ڪم ڪن:
اٽارني جنرل |
 |
|
ڪوئٽا (م ڊ): اٽارني جنرل انور منصور خان چيو آهي ته
عدالتون عوام کي انصاف فراهم ڪري رهيون آهن ۽ ادارن کي
پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڪوئيٽا ۾ بلوچستان هاءِ
ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي انور منصور خان چيو ته عدليا
انتظاميا جا اختيار پنهنجي دائري اندر هئڻ گهرجن ۽ سمورن
ادارن کي حدن ۾ رهندي ئي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عدالتون
عوام کي سستو انصاف فراهم ڪري رهيون آهن. اٽارني جنرل چيو
ته عدالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ بهتر قدم کڻي
رهيون آهن. |
|
|
|
|
|
|