|
لاهور هاءِ ڪورٽ نواز ليگ اڳواڻ ناصر محمود کي ٻيهر نااهل
قرار ڏئي ڇڏيو |
 |
|
لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل پ پ 111
تي نواز ليگ اميدوار حاجي ناصر محمود کي نااهل قرار ڏئي
کيس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اليڪشن ٽربيونل
قاف ليگ اميدوار عمران مسعود جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته عام چونڊن دوران نواز
ليگ اميدوار ناصر محمود ڪامياب ٿيو هو پر جعلي ڊگري کانپوءِ
عدالت کيس نااهل قرار ڏنو هو، جنهن ڪري ننڍي چونڊ ۾ حصو
وٺڻ کان کيس روڪيو وڃي. اليڪشن ٽربيونل وڪيلن جا دليل ٻڌڻ
بعد پ پ 111 تي نواز ليگ اميدوار حاجي ناصر محمود کي نااهل
قرار ڏئي کيس چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. |
|
|
|
|
|
|