|
”پاڪ، ڀارت اسٽيبلشمينٽ امن ۾رڪاوٽ آهن“ دفاعي بجيٽ گهٽائڻ
۽ ويزا پاليسي نرم ڪرڻ جو مطالبو |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) : سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڀارت ۽
پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي ٻنهي ملڪ جي امن ۾ رڪاوٽ
سمجهندي مطالبو ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ دفاعي بجيٽ گهٽائي ويزا
پاليسي کي نرم ڪن. ڪراچي ۽ ممبئي اندر بند ڪيل قونصل خانا
کوليا وڃن. سياچن تان ٻنهي ملڪن جون فوجون واپس گهرائي
لائين آف ڪنٽرول کي عالمي سرحد قرار ڏنو وڃي، سپر پاور کي
خطي کان ٻاهر رکيو وڃي ۽ ٽئين دنيا جي ملڪن جو اتحاد ٺاهيو
وڃي. اهي ڳالهيون ڪالهه پاڪستان پيس ڪوليشن، سنڌ ڊيموڪريٽڪ
فورم ۽ ڪراچي پريس ڪلب طرفان پاڪ -ڀارت ڳالهين بابت ٿيل
اڳڀرائي ۽ مستقبل جي امڪانن جي حوالي سان ٿيل هڪ سيمينار ۾
تقريرون ڪندي ڪيون ويون. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي
سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر چيو ته جيڪڏهن ڀارت ۾ مائو
نواز گروپن جون بغاوتون ڪامياب وڃن ۽ پاڪستان ۾ مذهبي
انتهاپسندن جو خاتمو اچي وڃي ته پوءِ شايد ٻنهي ملڪن ۾ امن
قائم ڪرڻ جا امڪان وڌي ويندا ۽ ڀارت جي ڪميونسٽ پارٽي کي
ڀارت آمريڪا نيو ڪليئر بابت اختيار ڪيل موقعي پرستي ڪري
نقصان پهتو آهي. هن چيو ته هن خطي ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي
۽ ان ۾ اضافي سبب ڳڻتي وڌي آهي ۽ آمريڪي ڪيمپ متحد ٿي رهي
آهي. چين ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدن ڪري ڀارت کي خطرو نه هجڻ
گهرجي پاڪستان جي فوج جي سياست ۾ مداخلت شروع ڪئي. انساني
حقن جي اڳواڻ اقبال حيدر چيو ته ايٽم بم کي حفاظتي ذريعو
سمجهندڙ غلط فهمي ۾ آهن ۽ هٿيار ٺاهيندڙ ملڪ امن نه ٿا
چاهين. فورم جي اڳواڻ ذوالفقارهاليپوٽي چيو ته امن جي
پاليسي جي حوالي سان رٽائرڊ جرنيل ۽ مخصوص گروپ قابض آهن ۽
اهي ميڊيا تي به قابض آهن ۽ ڀارت سان پاڻي جي مسئلي تي
پاڪستان جو ڪيس ڪمزور آهي. اڳوڻي سفارتڪار ظفر حلالي چيوته
اسٽيبلشمينٽ پرڏيهي پاليسي ٺاهي ٿي. پ پ ۽ نواز ليگ سنڌ ۽
پنجاب جي بنياد تي پرڏيهي پاليسي ٺاهينديون آهن. ان موقعي
تي ڪرامت علي، پروفيسر توصيف احمد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته
دفاعي خريداري تي وڌ کان وڌ ڪميشن ورتي ويندي آهي ۽ امن جي
پاليسي تي سويلين کي ڪو به اختيار نه آهي ۽ پاڪ ۽ ڀارت
آمريڪا کان هٿيار خريد ڪندڙ ٻه وڏا گراهڪ آهن. سلطان راهي
ٽائيپ ماڻهو امن جي ڳالهين لاءِ موڪليا وڃن ٿا ۽ امن ۽
پرڏيهي پاليسي تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرڻ جي اجازت نه آهي.
امن جمهوريت ۽ جمهوري ادارن لاءِ اهم آهي. جيڪڏهن پاڪ-
ڀارت تڪرار نه هجي ها ته پاڪ فوج ۾ سڀني صوبن جي نمائندگي
هجي ها ۽ جاگيرداري به نه هجي ها. پروگرام ۾ ڀارت ۽
پاڪستان جي وچ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين
جي آجيان ڪئي وئي. |
|
|
|
|
|
|