|
ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ ڀارت کي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي:
قريشي |
 |
|
اسلام آباد (آن لائن): پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو
آهي ته پاڪستان کليل ذهن سان پرڏيهي سيڪريٽري سطح جون
ڳالهيون ڪيون آهن. پاڪستان ڀارت سان تڪراري معاملا بامقصد
ڳالهين ذريعي معمول تي آڻڻ چاهي ٿو. پرڏيهي وفد سان ملاقات
کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت کي پاڪستان متعلق سرد
جنگ زماني جي پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.
هن چيو ته پاڪستان افغان حڪومت جي خواهشن موجب پنهنجو
ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي ناروي جي پرڏيهي
وزير دهشتگردي خلاف پاڪستان جي عوام جي قرباني کي سلام ڪيو. |
|
|
|
|
|
|