اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ صوبائي اسپيڪرن کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان انڪار، ڪاميٽي قائم

اسلام آباد (آن لائن): پرڏيهي وزارت ڊپٽي چيئرمين سينيٽ، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي چئني صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن کي سفارتي (ريڊ) ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي سرڪاري (بليو) پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري  ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سينيٽ، قومي اسيمبلي، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان اسيمبلين جا سيڪريٽري شامل هوندا.