پاڪ-هند جنگ نه لڳندي، ٻئي ملڪ ايٽمي بم سمنڊ ۾ ڦٽا ڪن: ڀارتي اڳوڻو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڀارت جي حڪمران پارٽي ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ ڀارت جي اڳوڻي وفاقي وزير عزيز قريشي چيو آهي ته ڀارت جي يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ هندي ۽ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي به پڙهائي ويندي آهي ۽ ڀارتي آئين ۾ سنڌي ٻولي کي مڪمل تحفظ مليل آهي. هندستان جي ورهاڱي بعد مهاتما گانڌيءَ آخري ڏينهن ڀارت بدران پاڪستان جي لاهور شهر ۾ بسر ڪرڻ ٿي گهريا. جيئن ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن کي جاني ۽ ٻئي قسم جو تحفظ ملي سگهي ۽ ڀارت ۾ فوج جو رياستي ڪمن ۾ ڪو به ڪردار نه آهي ۽ اتي آئيني ڀڃڪڙي ڪندڙ جرنيلن جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو آهي، هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو روزانهيعوامي آواز سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي ۽ ايڇ آر سي پي آفيس م ليڪچر ڏيندي ڪئي. عزيز قريشي چيو ته مهاتما گانڌي کي دهلي ۾ مسلمانن جي قتل خلاف ڳالهائڻ ۽ پاڪستان کي حصي ۾ آيل 65 ڪروڙ رپيا ڏيڻ واري ڳالهه تي زور ڏيڻ تي انتهاپسند هندن قتل ڪرايو ۽ وزيراعظم جواهر لعل نهرو بدران سردار پٽيل جو حڪومت تي وڏو اثر رسوخ ۽ ڪنٽرول هو. هن وڌيڪ چيو ته هن جي ذاتي راءِ آهي ته پاڪ ۽ ڀارت پنهنجن ائٽمي بمن کي سمنڊ ۾ غرق ڪري هٿيارن جي ڊوڙ بدران اهو پيسو غربت جي خاتمي تي خرچ ڪن. ڪانگريس اڳواڻ چيو ته ڀارت جي عام ماڻهو جي راءِ آهي ته پاڪستان خالصتان تحريڪ ۾ سکن جي مدد ڪئي ۽ هاڻي به ڀارت ۾ دهشتگرد پاڪستان مان اچي رهيا آهن ۽ ڪشمير تي پاڪستاني قبيلن جي حملن بعد ڪشمير جي مهاراجا ڪشمير کي ڀارت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ ڪشمير مسئلي کي اقوام متحده جي فيصلي موجب حل ڪرڻ کان اڳ ٻئي ملڪ ڪشمير مان پنهنجون فوجون هٽائن. عزيز قريشي چيو ته پاڻي جي مسئلي تي پاڪ-ڀارت جنگ نه لڳندي ۽ ڀارت پاڪستان جو هڪ ڦڙو به پاڻي نه ٿو کڻي ۽ پاڻي مسئلو سنڌ طاس معاهدي تحت حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ۾ هندو مذهبي انتهاپسند مخصوص علائقن ۾ اثر رکن ٿا ۽ پاڪستان ۾ به وڌيڪ مذهبي انتهاپسندي موجود آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ڀارت آمريڪي لابي جي اثر هيٺ آهي ۽ ڀارت هميشه آمريڪا جي خواهش جي ابتڙ ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي به اسان جا روس سان وڌيڪ بهتر تعلقات آهن.