صحت کاتي لاءِ 42 لک رپين جا نانگ وٺندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد (آن لائن): پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ماتحت ڪميٽي قومي صحت کاتي ۾ 42 لک رپين جا نانگ خريدڻ ۽ گاڏيون غيرقانوني استعمال ڪرڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ذميوارن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته ٻنهي معاملن بابت مهيني اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ماتحت ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه ڪنوينر ياسمين رحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صحت کاتي جي 1985 کان 2008ع تائين قانون اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صحت کاتي ۾ قانوني صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.