آئيني ڪميٽي اهڙ مسودو آڻيندي جنهن کي ڪير به ختم نه ڪري سگهندو: فهميده مرزا

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ سورهين اسپيڪر ڪانفرنس جي پڄاڻي تي 14 نقاطي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو آهي ته آئيني سڌارن واري ڪميٽي جو ڪم انتهائي حساس ۽ اهم آهي ۽ اها اهڙو ڊاڪيومينٽ  آڻڻ چاهي ٿي، جنهن کي ڪو به ختم نه ڪري سگهي. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي فهميدا مرزا گڏيل پڌرنامو پڙهندي ٻڌايو ته پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو ويندو. جمهوري جدوجهد جي تاريخ کي تعليمي نصاب جو حصو بڻائڻ لاءِ ترميمون ڪيون وڃن ته جيئن ايندڙ نسل ۾ جمهوري سوچ کي مضبوط بنائي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليون بهتر کان بهتر قانون آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ڪميٽين کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائي سگهجي. ڊاڪٽر فهميده مرزا وڌيڪ چيو ته آئيني سڌارن واري ڪميتي جو ڪم انتهائي حساس ۽ اهم آهي ۽ هو چاهن ٿا ته 1973ع جي آئين کانپوءِ هڪ مقدس دستاويز سامهون اچڻ گهرجي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 1973ع جي آئين کي ڪو به آمر ختم نه ڪري سگهيو ۽ ان کي رڳو معطل ئي ڪيو ويو.