|
چنيوٽ ۾ پوليس گردي، 6 نينگرن کي اگهاڙو ڪري سچ پترن جو
وسڪارو، 4 اهلڪار معطل |
 |
|
چنيوٽ (م ڊ): پنجاب جي شهر چنيوٽ جي علائقي بوانه ۾ پوليس
ڦر ڪيس ۾ گرفتار ڪري 6 ڄڻن تي کلئي عام پارڪ ۾ اگهاڙو ڪري
سچ پترن سان وحشياڻو تشدد ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جاچ
پوليس جي سب انسپيڪٽر عبدالرزاق ڪجهه ڏينهن اڳ ڦر ڪيس ۾ 6
ڄڻن کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو ۽ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي آزاد
ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي کانپوءِ متاثر ماڻهن آر پي او فيصل
آباد کي پوليس تشدد خلاف دانهن ڏني، جنهن کانپوءِ پوليس
ٻيهر سمورن نوجوانن کي گرفتار ڪري کلئي عام پارڪ ۾ ڪپڙن
کان آجو ڪري سچ پترن سان وحشياڻو تشدد ڪيو. اهڙو واقعو
منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي سب
انسپيڪٽر سميت 4 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ
کين گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. |
|
|
|
|
|
|