صحافين جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين: جميل سومرو

ڪراچي (هه آ) سنڌ سماءَ واري صلاحڪار جميل احمد سومري چيو آهي ته حڪومت صحافين کي ممڪن سهولتون ڏيڻ لاءِ جديد لاڙن تي ٻڌل ڪمپيوٽرائيزڊ ايڪريڊيشن ڪارڊ ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ اطلاعات کاتي کي اوپن ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اطلاعات کاتي ۾ جديد لاڙن تي ٻڌل 2010 ڪمپيوٽرائزڊ ايڪريل سيشن ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات واري صوبائي سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، صوبائي ايڪريڊيشن ڪميٽي جي ڏهن ميمبرن سينيئر نائب صحافي خورشيد عباسي، اي ايڇ خانزاده، عبدالقادر قريشي، حبيب خان غوري، شاهد جتوئي، ارشاد گلاباڻي، عارف خان ۽ شڪيل سلاوٽ ۽ ٻين صحافين کانسواءِ اطلاعات کاتي جي آفيسرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. صوبائي صلاحڪار جميل احمد سومري چيو ته موجوده حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي صحافين ۽ حڪومت وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بنيادن تي شروع ڪرڻ ۽ وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ صحافين جي جمهوريت لا ءِڪيل جدوجهد تعريف لائق آهي ۽ هنن گڏجي آمريت ۽ آمرن جو مقابلو ڪيو. جنهن ۾ سياسي ڪارڪن، سياسي پارٽين ۽ صحافين جو اهم ڪردار آهي، جيڪي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. صوبائي وزير چيو ته صحافين جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن، انهن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. صوبائي صلاحڪار جميل احمد سومرو چيو ته پ پ حڪومت هڪ ورڪر کي اهم منصب ڏئي ثابت ڪيو آهي ته پ پ پنهنجي ورڪرن جي ڪيتري عزت ڪري ٿي. ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه به ميڊيا جي آزادي ۽ ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي. اطلاعات سيڪريٽري سيد متاز علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحافي برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪريون. تقريب کي صحافي خورشيد عباسي، اي ايڇ خانزادي، ۽ ٻين خطاب ڪيو.