|
سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، حق وٺڻ
تائين سک سان نه ويهندس: مراد علي شاهه |
 |
|
ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سيد مراد
علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي لڳاتار کوٽ سبب سنڌ جي
زراعت کي نقصان پهچي رهيو آهي. سنڌ صوبي کي پاڻي جو مڪمل
حق ڏياري سنڌ جي زراعت کي مضبوط بڻائي سنڌ جي عوام مان
پاڻي معاملي تي مايوسي ختم ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ٽنڊو
محمد خان ۾ ايم پي اي سيد محسن شاهه بخاوي سان ڊاڪٽر
عبدالحميد شاهه جي اچانڪ وفات تي تعزيت ڪندي ڪيو. هن چيو
ته سنڌ صوبي جون سرسبز شاداب زمينون پاڻي جي کوٽ هئڻ ڪري
بنجر بڻجي ويون آهن. سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي. صوبي
جا وڏا ۽ ننڍا آبادگار توڙي هاري پرهيت طبقو مفلسي جي
زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ۽ صوبي جي عوام ۾ مايوسي
پکڙجي رهي آهي. هن چيو ته آبپاشي کاتي سنڌ پاران صوبي ۾
پاڻي جي کوٽ بابت اهم قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته صوبي ۾
پاڻي جي کوٽ کي مڪمل ختم ڪرڻ تائين سک جو ساهه نه کڻبو ۽
سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڪنهن کي قابضي ٿيڻ نه ڏبو. صوبي جي
زرعي خوشحالي سان سڄي ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، انهي موقعي تي
روينيو کاتي جي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته مڪاني
چونڊن ۾ پ پ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. هن چيو ته روينيو
کاتي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن
ڪنهن به ننڍي آبادگار ۽ هاري سان ناانصافي نه ٿي سگهي. سيد
عبدالحميد شاهه جي ٽيجهي ۾ پ پ ضلعي صدر حاجي محمد امين
لاکي سميت ضلعي جي سياسي سماجي شخصيتن صحافين شرڪت ڪئي. |
|
|
|
|
|
|