پاڪ-هند پاڻي تڪرار زور وٺي ويو، دنيا پاڪستان جي مدد ڪري: آمريڪا

واشنگٽن (آن لائن): پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي رچرڊ هالبروڪ چيو آهي ته پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ پاڻي جو تڪرار زور وٺي  ويو آهي. آمريڪا ڪنهن هڪ ملڪ سان نه پر ٻنهي ملڪن سان بهتر تعلقات چاهي ٿو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هالبروڪ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ طالبان بابت سوچ ۾ مثبت تبديلي آئي آهي ۽ پاڪستان طالبان ۽ القاعده خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، مان چاهيان ٿو ته آمريڪا سميت سڄي عالمي برادري پاڪستان جي مدد ڪري. هوڏانهن پرڏيهي کاتي جي ترجمان فلپ ڪرائولي صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهين ۾ ٽياڪڙي ناهيون ڪري رهيا. ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ همت افزائي جاري رهندي.