سنڌ ۽ پنجاب پاڻي جي ورڇ ۽ چشما جهلم ڪينال تڪرار بين الصوبائي رابطن واري ڪائونسل ۾ آڻڻ بدران پاڻ حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي: آفتاب شاهه

پنجاب چشما بجلي گهر تان هٿ کڻي ويو، پاڻي تڪرار نبيرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (م ڊ): بين الصوبائي معاملن واري وفاقي وزير آفتاب شاهه جيلاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ راضپو ظاهر ڪيو آهي ته هو پاڻي جي ورڇ ۽ چشما جهلم ڪينال تڪرار بين الصوبائي ڪائونسل ۾ اچڻ بدران پاڻ ۾ ويهي حل ڪندا. هن چيو ته پنجاب چشما بجلي گهر تان هٿ کڻي ويو آهي ۽ سندس موقف آهي ته هن جو انهي منصوبي سان ڪو به تعلق ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پير آفتاب شاهه جيلاني چيو ته ارسا به چشما بجلي گهر لاءِ پاڻي جي موجودگي جي خاطري ناهي ڪرائي، تنهن ڪري پنجاب جي موقف کان سنڌ جو ڪيس مضبوط ٿي ويو آهي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير جي سينيئر صلاحڪار سردار ذوالفقار کوسي بين الصوبائي معاملن واري ڪونسل کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جو چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر اڏڻ واري منصوبي سان ڪو به تعلق ناهي. اهو فيصلو نيپرا جو آهي ۽ هاڻي به ان جو فيصلو تسليم ڪيو ويندو. هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ 91ع واري ٺاهه تحت پاڻي جي ورڇ ڪرڻ گهرن ٿا، ان لاءِ صلاح مشورا جاري آهن.