رضا رباني جي صدارت هيٺ آئيني سڌارن واري ڪميٽي جو اهم اجلاس، مختلف معاملن تي تفصيلي بحث

آئيني ترميمن وارو مسودو 13 مارچ تي حڪومت حوالي ڪرڻ جو فيصلو: ايجنسين کي وفاقي انتظام هيٺ ئي رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (م ڊ+ايجنسيون): آئيني مسودو 13 مارچ تي حڪومت حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انٽيليجنس ۽ سڪيورٽي ايجنسين کي بدستور وفاق جي انتظام هيٺ رکڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. آئيني سڌارن واري ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽر رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي خودمختياري تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ قومپرست پارٽين اختلافي نوٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. قومپرست پارٽين ڪميٽي ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صوبائي خودمختياري جو مسئلو حل نه ٿيو ته هو پارليامينٽ ۾ نه ايندا. آئيني سڌارن واري ڪميٽي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ايجنسيز کي بدستور وفاق جي انتظام هيٺ رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.  اسلام آباد ۾ سينيٽر ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ آئيني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.اجلاس ۾ پ پ، نواز ليگ، ق ليگ، متحده، جي يو آءِ، اي اين پي ۽ٻين پارٽين جا ميمبر شريڪ ٿيا.  اجلاس دوران انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ايجنسيز کي وفاق جي انتظامن هيٺ رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.