ڪراچي پوليس کي رهتن نه ڏيڻ تي تيل جي فراهمي بند

ڪراچي (رپورٽ : عدنان هاشمي): ڪراچي پوليس کي رهتن نه ڏيڻ تي تيل ڪمپنين ڊيزل ۽ پيٽرول جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي پوليس کي پي ايس او ڪارڊن ذريعي پئٽرول جي فراهميءَ جو سلسلو اٽڪل هڪ هفتي کان بند آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تيل ڪمپنيون هر ٻئي يا ٽئين مهيني کانپوءِ رهتن نه ڏيڻ تي ڪراچي پوليس کي پئٽرول جي فراهمي بند ڪري ڇڏينديون آهن. ڪراچي پوليس جي سمورين موبائيلن کي روزانو 15 ليٽر ڊيزل ۽ موٽر سائيڪلن کي 3 ليٽر پئٽرول فراهم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي رينڪ جي آفيسرن کي گاڏين ۾ ڊيزل جي ڪا به حد مقرر ناهي.