|
جامع ڳالهين بنا ڀارت سان ڳالهيون ڪري وقت ضايع نٿا ڪرڻ
چاهيون: پاڪستان |
 |
|
اسلام آباد (م ڊ): پرڏيهي ترجمان عبدالباسط چيو آهي ته
ڀارت حافظ سعيد کي حوالي ڪرڻ جو ڪڏهن به مطالبو نه ڪيو آهي
۽ پاڪستان جامع ڳالهين کانسواءِ نئين دهلي سان ڳالهيون ڪري
وقت وڃائڻ نٿو چاهي. هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان
چيو ته ڀارت کي سندن مثبت رويي جو مثبت جواب ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته پاڪستان روڊ ميپ ڀارت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽
هاڻ کين ڀارت جي جواب جو انتظار آهي. پرڏيهي ترجمان وڌيڪ
چيو ته ڳالهين ۾ سياسي قيادت کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي
۽ ڀارت سان پاڻي وارو تڪرار ڳالهين ذريعي ئي حل ڪيو ويندو.
عبدالباسط چيو ته ڀارت جامع ڳالهين جي بحالي لاءِ تيار نه
آهي ۽ هو ڳالهه برائي ڳالهه ڪرڻ جي حق ۾ نه آهن. هن چيو ته
سعودي عرب ۽ ڀارت وچ ۾ دوستي وارن لاڳاپن سان پاڪستان کي
پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار
رهيو آهي. پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته عالمي برادري پاڪستان
جي ڪردار کي ساراهيو آهي ۽ هو دهشتگردي جي خاتمي واري عزم
کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندا. |
|
|
|
|
|
|