4 مارچ ڏهاڙي تي ريليون، تعليمي ادارن مان غنڊه گردي ۽ شاگردن سان زيادتي ختم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (نمائندن وٽان) 4 مارچ شاگردن جي جدوجهد جو ڏهاڙو سڄي سنڌ ۾ ملهايو ويو، ريليون، ميڙاڪا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويا، ان موقعي تي سياسي سماجي، مذهبي ڌرين مطالبو ڪيو ته تعليمي ادارن مان غنڊه گردي ختم ڪئي وڃي ۽ سنڌي شاگردن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي. حيدرآباد ۾ جسقم، جساف، جي ٽي آءِ پاران 4 مارچ ڏهاڙو ملهايو ويو، ريليون ڪڍيون ويون ۽ سيمينار ٿيا، جن کي سورهيه سنڌي، روشن بلوچ، غلام نبي چانڊيي ۽ ٻين خطاب ڪيو، سکر ۾ جي ٽي آءِ جي جمال الدين انقلابي، اعظم مهر ۽ جساف، ستاف جي طارق وڌيي، شمن قاسمي، جاويد سنڌي، سراج جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون نڪتيون، ڪي اين شاهه ۾ جي ٽي آءِ جي انور کوهاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، دوڙ ۾ جي ٽي آءِ جي مير محمد، عبدالخالق خاصخيلي ۽ ٻين نڪتل ريلي کي خطاب ڪيو، شڪارپور ۾ سجاد، خالد سرمد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جساف جي ريلي نڪتي، قمبر ۾ جسقم، جي ٽي آءِ، ش ڀ ۽ ٻين تنظيمن 4 مارچ ڏهاڙو ملهايو جن کي عزيز جاگيراڻي، عبدالله سومري، محمد جان بروهي ۽ ٻين خطاب ڪيو. شهدادڪوٽ ۾ سپاف پاران سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن کي آصف تنيي، دوست محمد ۽ ٻين خطاب ڪيو، نوشهري ۾ ريليون نڪتيون، بشير آريسر، ثمر ايس وسطڙي ۽ ٻين خطاب ڪيو، شڪارپور ۾ ذيشان چني، مهراڻ منگي خطاب ڪيو، خيرپور ناٿن شاهه ۾ سيمينار کي جي ٽي آءِ جي حاجن خان لغاري، جساف جي واجد گاڏهي، ايس ٽي پي جي شريف لغاري، محمد ۽ ٻين خطاب ڪيو، خيرپور ۾ جساف اڳواڻ يوسف ميمڻ جلسي کي خطاب ڪيو، جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر اي جي انصاري، غلام غوث ميرالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، ڏوڪري ۾ ميڙاڪي کي عنايت خاصخيلي، محمود ماڇي، اياز سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو، رتي ديري ۾ جي ٽي آءِ جي مختيار ابڙي ۽ عابد سومري جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي. ان موقعي تي شاگرد جدوجهد کي خراج پيش ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جساف ۽ جي ٽي آءِ جون ريليون نڪتيون، جن کي عامر سوهو، مظفر سانڊاڻي، نصير ڀٽي، الياس ڀٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو. بلاول ۾ ميڙاڪو ٿيو، جنهن کي ايس يو پي ملير جي اڳواڻ ڊاڪٽر مشتاق ابڙي خطاب ڪندي چيو ته ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ تي سنڌي شاگردن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو پر هو ايوبي آمريت آڏو نه جهڪيا هئا، هن چيو ته سنڌي شاگردن کي هاڻي به گڏجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ کپي.