|
ڪوئيٽا (م ڊ): بلوچستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جاگيرداري
نظام کي للڪاريندي چونڊن ۾ بيهندڙ هارياڻي سماجي تبديلي جي
شروعات ڪري ڇڏي، سردارن کي للڪاريندڙ جوري جمالي کي چونڊيل
نمائندن طرفان علائقي کي نظرانداز ڪرڻ تي چونڊن ۾ بيهڻ جو
شوق پيدا ٿي ويو آهي. بلوچستان جي عوام طرفان جوري جي مڪمل
حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. جوري جمالي تي چوندن تان هٿ
کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل کيس ڌمڪيون
ملي رهيون آهن.
مولا نه ماري ته ڪير ماري، موت کان نٿي ڊڄان: جوري
ڪوئيٽا: جوري اڻپڙهيل ۽ هاري جي زال، چندو وٺي گڏهه گاڏن
تي چونڊ مهم هلائي ٿي. جوري جماليءَ جو انتهائي غريب
خاندان سان تعلق آهي ۽ هوءَ هارپو، مال جي سار سنڀال ۽ گهر
جو سڄو ڪم ڪار پاڻ ڪري ٿي، چونڊ مهم چندو وٺي گڏهه گاڏن،
سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن تي هلائي ٿي. جوري اڻپڙهيل ۽ هاريءَ
جي زال آهي.
جوري حڪم کپي، ووٽ تنهنجا آهن، علائقي واسين جو اعلان
ڪوئيٽا: علائقي واسين جوري جي مڪمل حمايت ڪندي چيو آهي ته
جوري اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. ووٽ جوري کي ڏينداسين.
ان جو حڪم کپي. هنن جو چوڻ هو ته وڏيرا هر ڀيري اسان کان
ووٽ وٺي وري منهن ئي نٿا ڪن. علائقو مڪمل نظرانداز ٿيل آهي.
جوري مان اسان کي اميدون آهن. |