حقن لاءِ 4 مارچ کان وڌيڪ جدوجهد جي ضرورت آهي: دانشور سياستدان

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي چونڊيل نمائندن، قومپرست، مذهبي اڳواڻن ۽ دانشورن مطالبو ڪيو آهي ته شاگرد يونينون بحال ڪري ۴ مارچ جو ڏهاڙو سرڪاري طور تي ملهائي ان جو يادگار راجپوتانه اسپتال سامهون ٺهرايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه جمعيت طلباءَ اسلام پاران ” 4 مارچ شاگرد جدوجهد“ جي عنوان هيٺ حيدرآباد ۾ ملهايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي ميمبر نواب يوسف ٽالپر چيو ته ذاتي رنجش وساري سنڌ جي مسئلن تي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، هن چيوته ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندڙ شاگردن جيل جون سختيون ڀوڳيون پر هنن جدوجهد تان هٿ نه کنيو، ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ سائين جي ايم سيد اهم ڪردار ادا ڪيو، موجوده سنڌ تي نظر وجهنداسين ته ساڳيا مسئلا نظر اچن ٿا، اهو پاڻي جو مسئلو هجي يا صوبائي خودمختياري هجي ان تي گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ سنڌ جو اهم مسئلو پاڻي آهي، اسان 91ع واري ٺاهه تي عمل نه ڪرائي سگهيا آهيون، ان لاءِ سڀني کي گڏيل جدوجهد ڪرڻ  گهرجي. هن مثال ڏنو ته چشما جهلم لنڪ ڪينال تي سڄي سنڌ گڏيل احتجاج ڪيو ته پنجاب ان کي بند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هاڻي عوام جي حڪومت آهي ۽ عوامي حڪومت ڪڏهن به عوام خلاف ڪم نه ڪندي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري شاگرد يونينون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، پر ان تي عمل نه ٿو ٿئي. هن چيو ته هو ان سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداري کي اپيل ڪندو ته هو شاگردن يونين بحال ڪرائي. عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته ۴ مارچ واري جدوجهد سنڌ ۾ شعور بخشيو، هن وقت به ۴ مارچ کان وڌيڪ جدوجهد جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ، ناڻي جي ورڇ ۽ صوبائي خودمختياري هن وقت تمام وڏا مسئلا آهن، ان لاءِ شاگردن توڙي سمورين سياسي ڌرين کي گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ۴ مارچ تي شاگردن قربانيون ڏئي سنڌي قوم جو ڪنڌ اوچو ڪيو. ايس يو پي جي اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيري چيو ته سنڌ هزارين سال ملڪ جي حيثيت ۾ رهي آهي، سنڌ تي ڪيترن ئي آمرن قبضو ڪيو، پر اهي ناڪام ويا، 1940ع کان وٺي اڄ تائين سنڌ سان سکڻا واعده ڪيا ويا،   جيڪي وفا نه ٿيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي ترقي لاءِ خودمختياري لازمي آهي، هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڀريو ته هو ۴ مارچ جي ڏهاڙي کي ڀرپور انداز ۾ ملهائين. پ پ يوٿ جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته ۴ مارچ واري شاگردن تحريڪ آمرن خلاف وڏي جدوجهد هئي، جنهن جا هيرا ڄام ساقي، يوسف لغاري، يوسف ٽالپر ۽ ٻيا آهن، جن جي جدوجهد سان ملڪ ۾ جمهوريت آهي. هنن چيو ته پ پ هر مسئلي تي سنڌ سان گڏ آهي. جمعيت علماءَ اسلام جي اڳواڻ سعد الله صديقي چيو ته جي يو آءِ هميشه جمهوريت جي حمايت ڪئي آهي، ضياءَ هجي مشرف هجي يا ايم آر ڊي تحريڪ هجي ان ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. هن چيو ته هنن سنڌ جي هر مسئلي تي چٽو موقف رکيو آهي. هن سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هن گهر ڪئي ته ۴ مارچ جو ڏهاڙو سرڪاري طور تي ملهايو وڃي ۽ ان جو يادرگار راجپوتانه سامهون ٺهرايو وڃي. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت جمهوريت دشمن قوتون جمهوريت خلاف سازشون ڪري رهيون آهن، جي يو آءِ جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي، آمريت جي مخالفت ڪئي آهي، ۴ مارچ کي سنڌ ڪڏهن به نه وساريندي. مولانا عبدالڪريم عابد چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌين مٿان ظلم ڪيا پيا وڃن، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جون داخلائون رد ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ون يونٽ جي خلاف شاگرد جدوجهد ڪامياب ٿي، اسان جو سنڌي صدر هئڻ باوجود ايوان صدر ۾ هڪ به سنڌي ماڻهو ناهي.