|
سنڌي شاگردن کي داخلا نٿي ملي، جدوجهد ڪرڻ کپي: ڪراچي ۾
سيمينار |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قوم پرستن ۽ گهڻ گهرن سنڌ جي
گادي واري شهر جي يونيورسٽين ۽ پروفيشنل تعليمي ادارن ۾
سنڌي شاگردن کي داخلا ڏيڻ ۽ نجي توڙي سرڪاري اسڪولن ۽
ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو
آهي، اهڙو مطالبو ڪالهه سنڌ نيشنل پارٽي طرفان 4 مارچ ون
يونٽ جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جو ڏينهن ۽ سنڌ جي حقن جي
جدوجهد ۾ شاگرد سياست جو ڪردار جي عنوان هيٺ ڪرايل سيمينار
کي خطاب ڪندي ۽ ٺهراءُ منظور ڪندي ڪيو آهي. ان موقعي تي 4
مارچ جي هيري ۽ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ، قانوندان ۽ ايڊووڪيٽ
جنرل يوسف لغاري چيو ته 58ع ۾ ون يونٽ قائم ڪري ملڪ ۾
سمورين سياسي پارٽين تي پابندي مڙهي وئي، 63 ۾ سنڌي ٻولي
ختم ڪئي وئي، سنڌي ٻولي ايشيا جي پهرين ٻولي هئي جنهن کي
سرٽيفڪيٽ مليل هو، ان وقت جي تعليم جي ڪاموري غلام مصطفيٰ
شاهه سنڌي ٻولي کي ختم ڪيو، 62 ۾ حمود رحمان ڪميشن
يونيورسٽين مان سنڌي ٻولي ختم ڪئي، هن چيو ته ان وقت جا
ڪميونسٽ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ نيشنل عوامي پارٽي تائين انهن
ترقي پسندن جي اعليٰ قيادت ۾ هڪ به سنڌي نه هو، هن چيو ته
سڄي دنيا ۾ اهو ثابت ٿيو آهي ته منظم اقليتون ڇڙوڇڙ
اڪثريتن تي حڪومت ڪنديون آهن، جيئن ايم ڪيو ايم ڪري رهي
آهي، هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 28 جج آهن، انهن ۾ صرف 6
سنڌي آهن، جيڪو سنڌين سان ظلم ۽ نا انصافي آهي. سنڌ نيشنل
پارٽي جي سربراهه امير ڀنڀري چيو ته جيڪي قومون پنهنجي
هيرن جو قدر نه ڪنديون آهن اهي دنيا جي نقشي تان ميسارجي
وينديون آهن، هن چيو تو ون يونٽ پاڪستان جي ٺهڻ واري نظريي
جي به خلاف هو، هن چيو ته سنڌين کي پاڪستان ٺاهڻ جي سزا
ڏني پئي وڃي. گادي واري شهر ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن کي داخلا
نٿي ڏني وڃي، وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي، شهر دهشتگردن
حوالي آهن، سنڌ جي عوام ۽ سنڌي شاگردن کي وري 4 مارچ جهڙي
عوامي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، جيئي سنڌ تحريڪ جي مير عالم مري
چيو ته سرڪار جي مخالفت سبب تعليمي ادارن جو ماحول خراب
آهي، هن چيو ته هي عجيب ملڪ آهي، هتي ايٽم بم ته آهي پر
عوام کي کائڻ لاءِ اٽو نٿو ملي، سنڌي ميڊيڪوز ايسوسي ايشن
جي باني ڊاڪٽر شفقت عباسي چيو ته جيڪي قومون دنيا تي
حڪومتون ڪنديون آهن اهي پنهنجي هيروز کي نه وسارنديون آهن.
4 مارچ جي جدوجهد ۾ سڀ کان وڏي معاشي قرباني سڪندر عباسي
ڏني، هن چيو ته ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جو مطالبو اسان سنڌين جي
غيرت جي پهرين ٽيسٽ آهي، دانشور ۽ صحافي جاويد قاضي چيو ته
پير، مير ۽ وڏيرا ون يونٽ ۾ پنهنجي ڌنڌي سان لڳا پيا هئا
ان وقت سنڌي شاگردن تحريڪ شروع ڪئي ۽ ون يونٽ کي ختم ڪيو،
هن چيو ته حڪمرانن فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ مان سياست ختم ڪرڻ
لاءِ تعليمي ادارا سنڌين کان کسيا وڃن . |
|
|
|
|
|
|