|
سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين کان آگاهه آهيون: جماعت شاهه |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ) سنڌ طاس ڪمشنر جماعت علي شاهه چيو آهي
ته ڀارت جي طرفان سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزين جي حوالي
سان پاڪستان پوري طرح آگاهه آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان
ڳالهائيندي هن چيو ته پنهنجي حق کان ڪڏهن دستبردار نه
ٿينداسين. هن چيو ته ڀارت جي طرفان هلندڙ مهيني دوري جي
دعوت ڏني آهي پر ان جي حتمي تاريخ ناهي ڏني. هن چيو ته
هلندڙ برساتن سان آبي ذخيرن ۾ بهتري آئي آهي ۽ درياهه چناب
۾ پاڻي جو مقدار نو هزار کان وڌي چوڏهن هزار ڪيوسڪ ٿيو آهي. |
|
|
|
|
|
|