|
احتساب عمل موثر ناهي، اصل شخصيتن کي سامهون نٿو آندو وڃي:
سپريم ڪورٽ |
 |
|
اسلام آباد (آن لائن): سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس جاويد
اقبال چيو آهي ته ٽي وي تي پوليس جا سچ پٿرا ڏسي پوليس ۾
وڃڻ جو شوق ختم ٿي ويو، جيڪڏهن سچ پٿرن واري معاملي جو
نوٽيس ورتو ته ارباب اختيار چوندا ته عدالت مداخلت ڪري رهي
آهي. هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هاڻي ڪرپشن کي پردي
پويان لڪائڻ ممڪن ناهي. جسٽس جاويد اقبال چيو ته احتساب جو
عمل وڌيڪ موثر ناهي. اصل شخصيتن کي سامهون نٿو آندو وڃي.
اميرن جا اربين رپين جا قرض معاف ڪيا وڃن ٿا، پر غريب
ماڻهوءَ جو گهر وڪرو ڪيو وڃي ٿو. |
|
|
|
|
|
|