گلگت بلتستان آرڊر 2009ع سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (م ڊ): گلگت بلتستان آرڊر 2009ع کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. گلگت بلتستان جي رهواسي شفقت علي خان آئين جي آرٽيڪل 3/184 تحت آرڊر کي چئلينج ڪيو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن تحت هي علائقو ڄمون ڪشمير جو حصو آهي. ان جي حيثيت ۾ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شملا معاهدي جي روشني ۾ هڪ طرفي تبديلي نٿي ڪري سگهجي.