|
ڪردار سازي بنا ڪرپشن ختم نه ٿيندي: جماعت |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ): جماعت اسلامي جي امير سيد منور حسن
چيو آهي ته قوم ۽ ان جي ايجنڊا هڪ آهي پر ڪردار سازي کان
بغير ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ناهي. لاهور ۾ ايوان صنعت ۽
تجارت ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ گذريل
هڪ سال جي دوران پاڪستان کي اٺ ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي
پر آمريڪا منٿن ميڙن سان 1.6 ارب ڊالرز به ڏيڻ کان ڪيٻائي
رهيو آهي. هن چيو ته بدعنواني ۽ ٽيڪس چوري کان قومي خزاني
کي ساليانو اٺ سئو ارب رپين جي نقصان کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. |
|
|
|
|
|
|