|
نئين بجيٽ ۾ مالياتي ايوارڊ جي شموليت جا امڪان گهٽ آهن:
سلمان شاهه |
 |
|
ڪراچي (م ڊ): ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار سلمان شاهه چيو آهي
ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ مالياتي ايوارڊ شامل ڪرڻ جا
امڪان رڳو 50 سيڪڙو آهن ۽ نئين ناڻي واري وزير لاءِ بجيٽ
جي تياري چيلينج هوندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي
سلمان شاهه چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تي صحيح ڪرڻ ڪجهه
ڏينهن ۾ ڪري سگهجي ٿي پر ناڻي کاتي جون وايون بتال ٿي ويون
آهن ته وفاق جا خرچ ڪيئن پورا ٿيندا. هن چيو ته هڪ پاسي
بجيٽ ۾ قرضن جو بار آهي، 2010ع تائين بجيٽ ۾ ساڍا 7 سئو
ارب رپين جو خسارو هو جيڪو ايندڙ سال اڃا به وڌي ويندو.
سلمان شاهه جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي جا خرچ به گهڻا وڌي ويا
آهن ان ڪري اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ حڪومت کي يا ته
خسارو وڌائڻو پوندو يا وري پلاننگ ڪميشن کي بند ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته جيڪڏهن بجيٽ ۾ خسارو وڌايو ويو ته آءِ ايم ايف
اچي ويندي، انڪري ناڻي واري نئين وزير لاءِ بجيٽ جي تياري
وڏو چيلينج هوندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو بجيٽ ئي نه ٺاهي سگهي. |
|
|
|
|
|
|