جن ماڻهن کي هٿڪڙيون هڻڻ گهرجن انهن کي ڪير به هٿ نٿو لڳائي، هيڻا نشانو آهن: چيف جسٽس

پشاور ( م ڊ/آن لائن): سپريم ڪورٽ جي سرڪٽ بينچ پشاور ۾ پيرسن قيدي کي  هٿڪڙيون هڻي پيش ڪرڻ واري پوليس جي عمل تي چيف جسٽس، مسٽر جسٽس افتخار محمد چوڌري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس اهلڪارن کي ڇنڊ پٽي آهي. چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جسٽس افتخار محمد چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو ته جن ماڻهن کي هٿڪڙي هڻڻ جي ضرورت آهي، پوليس انهن کي بنا هٿڪڙين جي عدالت آڻي ٿي ۽ جن ماڻهن کي هٿڪڙي هڻڻ جي ضرورت ناهي، انهن کي هٿڪڙي هڻي پيش ڪيو وڃي ٿو. ان کان اڳ چيف جسٽس 12 ورهين جي ٻارڙي جي گمشدگي واري پٽيشن تي سرحد حڪومت کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڄاڻايل ٻارڙي کي بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن  کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته هڪ اهڙو نظام آڻيون جنهن تحت سڀ صرف آئين ۽ قانون جا ماتحت  هجن. هن چيو ته وڪيل برادري آئين تحت  پنهنجو ڪردارا ادا ڪري.