شهدادڪوٽ ڌماڪي جو ڪيس داخل، جسقم اڳواڻ گرفتار، احتجاج، ٿاڻي جو گهيرو

شهدادڪوٽ (رفيق ڀٽي وٽان) شهدادڪوٽ جي ڪوٽوموٽو چوڪ تي واقع نيشنل بئنڪ اڳيان 2 ڏينهن اڳ ٿيل بم ڌماڪي واري واقعي جو ڪيس پوليس اڻڄاتل 8 دهشتگردن مٿان داخل ڪيو آهي. جڏهن ته بم ڌماڪي واري واقعي کي 2 ڏينهن گذري  وڃڻ باوجود پوليس ڌماڪي ۾ ملوث هڪ به جوابدار کي هٿ ڪري نه سگهي آهي. پوليس اٽالن سول اسپتال واري محلي تي چڙهائي ڪري جسقم (بشير گروپ) جي مقامي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار مگسي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي اچي ويهاري ڇڏيو. سوين ڪارڪنن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. جتي اڳواڻن بخشل سومري، وحيد کوکر، نصير سيلري ۽ ٻين گرفتار ڪيل اڳواڻ جي آزادي جو مطالبو ڪيو. پوليس 8 ڪلاڪن بعد گرفتار اڳواڻ ذوالفقار مگسي کي آزاد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن بم ڌماڪي واري واقعي کان پوءِ پوليس شهر جي مرڪزي چوڪن ۽ چوراهن تي هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان تلاشي وٺندي رهي آهي بم ڌماڪي کان پوءِ شهرين ۾ اڃا تائين خوف هراس ڇانيل آهي. سرڪاري آفيسن، بئنڪن ۽ حساس جاين تي پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن شهدادڪوٽ ۾ ٿيل بم ڌماڪي خلاف قمبر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پپل چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي غلام مصطفيٰ سانگاهه، نظير گوپانگ، سجاد ڪنڀر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي هنن چيو ته سنڌ ۾ هٿ وٺي حالتون خراب ڪيون پيون وڃن. دهشتگرد هاڻي ننڍن شهرن کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن. شهدادڪوٽ ۾ ٿيل بم ڌماڪو دادو بم ڌماڪي جي ڪڙي آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.