|
رحمان ملڪ هڪ ٻئي نيب ريفرنس مان بري، مڪاني چونڊون،
رينجرس جي نگراني ۾ ڪرائي سگهجن ٿيون: گهرو وزير |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي احتساب عدالت وفاقي گهرو
وزير رحمان ملڪ کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ واري نيب
جي ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو آهي، رحمان ملڪ چيو آهي ته
مڪاني چونڊون رينجرز جي نگرانيءَ ۾ ڪرائي سگهجن ٿيون.
وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ڪراچي جي احتساب عدالت آڏو
تارڪو ريفرنس ۾ عدالت آڏو پيش ٿيو. عدالت ريفرنس ۾ وفاقي
وزير خلاف ثبوتن کي ناڪافي قرار ڏيندي کيس ريفرنس مان
باعزت بري ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير رحمان ملڪ عدالت مان ميڊيا
سان ڳالهائيندي چيو ته سندس بريت انصاف جي فتح آهي ۽
الله چاهيو ته هو ٻين ڪيسن مان به ايئن ئي بري ٿي ويندو.
هن جو چوڻ هو ته سندس خلاف ڪرپشن جو ڪو به ڪيس داخل ناهي،
سياسي انتقامي ڪارروائي تحت اختيارن جي ناجائز استعمال جا
ڪيس ٺاهيا ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته
صوبائي حڪومت جي مطالبي تي رينجرز گهرائي سگهجي ٿي، هر
پارٽي چاهي ٿي ته مڪاني چونڊون شفاف ٿين. رحمان ملڪ چيو ته
عبدالمالڪ ريگي جو سڃاڻپ ڪارڊ ڪوڙو آهي، نادرا اهو ڪارڊ
ناهي ٺاهيو. هڪ سوال جي جواب ۾ رحمان ملڪ چيو ته جيڪي
ماڻهو اُٺ رکن ٿا، اهي دروازا به وڏا رکندا آهن. هن چيو ته
پ پ ۽ متحده کي ويڙهائڻ جون سازشون ڪندڙ ڪامياب نه ٿيندا. |
|
|
|
|
|
|