پاڪ-ڀارت کي خطي ۾ امن لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو: برطانيا

لنڊن (م ڊ): برطانوي هائوس آف ڪامن جي ڪشمير واري گروپ جي سربراهه پال رَووَين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪشمير تڪرار حل ڪرڻ سميت  ۽ تازين ڳالهين کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائڻ گهرجي. آل پارليامامينٽرين گروپ جي وزير ۽ لبرل ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ پال رَووَين هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي حق جي اظهار جي مڪمل آزادي چاهي ٿو ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽريز وچ ۾ تازين ڳالهين بابت هائوس آف ڪامن ۾ بحث هيٺ آندو ويندو. پال رَووَين جو چوڻ هو ته ڪشميري عوام اچ وڃ، واپار جي آزادي چاهي ٿو ان ڪري هو سمجهي ٿو ته ڪشميرين جي حق خود اراديت سان گڏ اهڙو حل ڳوليو وڃي جيڪو کين قبول هجي. هن چيو ته ٻئي ملڪ برطانيه جا ويجها دوست آهن ان ڪري ٻنهي ملڪن کي خطي ۾ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو . پال رووين چيو ته پاڪستان ۾ اهڙيون قوتون آهن جيڪي جمهوريت ۽ ترقي کي روڪڻ چاهن ٿا پر ٻنهي ملڪن کي پنهنجي مقصد تان نه هٽڻ گهرجي ۽ اهڙن ماڻهن کي ناڪام بڻائڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ۽ ڀارت جو عوام امن ۽ ڀائيچاري سان رهي.