پاڪستان لاءِ ساڍا 8 ڪروڙ امدادي معاهدي تي صحيحون ، رقم درست استعمال ٿئي پئي: آمريڪا

واشنگٽن/اسلام آباد (م ڊ): آمريڪا پاڪستان کي 8 ڪروڙ 80 لک ڊالر امداد جي فراهمي جي معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن فرزانه راجا ۽ آمريڪي امداد بابت صلاحڪار رابن رافيل  معاهدي تي صحيحون ڪيون، ان موقعي تي رابن فيل چيو ته پاڪستان کي ڏني ويندڙ رقم درست استعمال ٿي رهي آهي، اها طالبان جي هٿ نٿي چڙهي سگهي. هوڏانهن واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رچرڊ هالبروڪ چيو ته اسلام آباد کي هاڻي انتهاپسندي کان وڌيڪ معيشت ۽ توانائي جي بحران کان خطرو آهي.