|
سپريم ڪورٽ جي عملي جي پگهارن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري
|
 |
|
اسلام آباد(اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت سپريم ڪورٽ
جي عملي جي پگهارن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڏيو آهي.
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني 12 ربيع الاول تي سپريم ڪورٽ
جي عملي جون پگهارون لاهور هاءِ ڪورٽ جي عملي برابر ڪرڻ جو
اعلان ڪيو هو. نوٽيفڪيشن مطابق سپريم ڪورٽ جي گريڊ هڪ کان
22 تائين جي آفيسرن کي ٽن بنيادي پگهارن جي برابر هڪ
الائونس،گريڊ 19 کان 22 تائين جي آفيسرن کي 14 هزار رپيا
جوڊيشل الائونس، 8 هزار رپيا يوٽيلٽي الائونس، 20 کان 22
گريڊ جي آفيسرن لاءِ 7 هزار رپين جو ڪار الائونس، 19 گريڊ
جا آفيسرن لاءِ 6 هزار رپيا ڪار الائونس، جڏهن ته گريڊ 18
لاءِ 12 هزار رپيا جوڊيشل الائونس، 5 هزار رپيا يوٽيلٽي
الائونس ۽ 5 هزار رپيا ڪار الائونس، 7 کان 16 گريڊ جي
ملازمن لاءِ 4 هزار رپيا ۽ هڪ مهيني کان 6 مهينن تائين لاءِ
3 هزار رپيا يوٽيلٽي الائونس جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهي
پگهارون پهرين جولاءِ 2009ع کان لاڳو ٿينديون. |
|
|
|
|
|
|