چئني صوبن ۾ هڪ ئي مڪاني نظام آڻي جمهوريت کي مضبوط ڪبو: گيلاني

پشاور (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ملڪ ۾ بلدياتي حڪومتن جو هڪجهڙو نظام چاهيون ٿا، ملڪ ۾ هڪ نظام هجي ته بهتر آهي، ان سلسلي ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن جون سفارشون صدر ڏانهن اماڻيون آهن، پارلياماني نظام ۾ مخالف ڌر جو اهم ڪردار آهي، مخالف ڌر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پر اهو نظام هلڻ گهرجي. اهڙو اظهار وزيراعظم ڪالهه گورنر هائوس ۾ سرحد اسيمبلي جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ناڻي جي مملڪتي وزير حنا رباني کر به ان موقعي تي موجود هئا، هن موقعي تي وزيراعظم چيو ته پارٽي قيادت سڄي ملڪ ۾ تنظيم سازي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اسان جو اهو دورو ان سلسلي جي ڪڙي آهي، پهريان پارلياماني سطح تي مشاورت ٿيندي، ان کان پوءِ ڊويزن، ضلعن ۽ پوءِ تعلقن جي سطح تي اجلاس ٿيندا. هن چيو ته منهنجو هتي اچڻ جو مقصد ان سنجيدگي جو اظهار آهي ته پارٽي کي مضبوط ۽ فعال بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته مفاهمت جي سياست شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هو ۽ پوري دنيا ان جي سيرت جي قائل هئي، پارٽي ان جي ويزن ۽ سوچ جي مطابق ئي ملڪ ۾ مضبوط حڪومتون قائم ڪيون، جڏهن ته سنڌ ۾ اسان وٽ اڪثريت هئي، وزيراعظم 2008ع جي چونڊ جو ذڪر ڪندي چيو ته اهي ئي سياسي قوتون ڪامياب ٿيون، جن عوام جي حقن، ميڊيا جي آزادي ۽ عدليا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ انهن جي سياسي بصيرت سان گڏيل حڪومتون قائم ڪيون سين، اهو جمهوريت جو ئي ثمر آهي، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم متفقه طور تي چونڊيو ويو ۽ اڄ تائين ڪيترائي بل ۽ بجيٽ متفقه طور تي پاس ٿيون آهن، وزيراعظم چيو ته هن ڀيري صوبي سرحد سميت ٽن صوبن جا سينيٽرز اتفاق راءِ سان چونڊيا، جڏهن ته ماضي ّ ۾ اهي ڏيڻ وٺڻ ڪري ٿيندا هئا. وزيراعظم بلدياتي چونڊن جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو به هڪ نئون تجربو ٿيندو، ڪجهه سياسي جماعتون چونڊن ۽ ڪجهه غير جماعتي چونڊن جي ڳالهه ڪن ٿيون، اسان هڪ ملڪ ۾ هڪ نظام چاهيون ٿا ان سلسلي ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن سان مشاورت ڪئي وئي آهي ۽ انهن جون سفارشون صدر ڏانهن اماڻيون ويون آهن، وزيراعظم جمهوريت ۾ مخالف ڌر جي ڪردار کي اهم قرار ڏيندي چيو ته اپوزيشن کان بغير اسان جو گذارو ڪونهي، اپوزيشن پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪريون ۽ حڪومت کي پنهنجا 5 سال پورا ڪرڻ گهرجن، هن چونڊيل نمائندن تي زور ڏيندي چيو ته محترمه جي ويزن ۽ پروگرام تي عمل ڪن، اسان ٻن سالن ۾ نه صرف پنهنجي منشور تي عمل ڪيو پر قوم ان جي تائيد به ڪئي آهي. هن چونڊيل نمائندن کي يقين ڏياريو ته پارٽي جي منشور تي عمل ڪيو ويندو. پارٽي ميمبرن جي خدشن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ان مسئلي تي سرحد صوبي جي وڏي وزير سان ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ ان مسئلي کي ويهي ڪري حل ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ سرحد صوبي جي فرنٽ لائين جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ صوبائي حڪومت، سول سوسائٽي، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ امن امان ٿيندو ته پرڏيهي سيڙپڪاري به ٿيندي، جن علائقن مان عسڪريت پسندي جو خاتمو ڪيو ويو آهي، انهن علائقن ۾ ڪاميابي کي موثر بنائڻو پوندو، ڇو ته فوج جي ڪاميابي مڪمل ڪاميابي ناهي، اسان کي انهن علائقن کي ترقي ڏيڻي آهي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جيڪڏهن اڳوڻو صدر فاروق لغاري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا فارم ورهائي ته اها قيامت کان گهٽ نشاني ناهي، اسان سياسي پارٽين سان ڇڪتاڻ پيدا ڪري مشرف واري ايجنڊا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڀٽو جو ويزن رکندڙ ڪڏهن به ڪمزور نٿو ٿي سگهي، ڪارڪن اسان کان ناراض ٿي سگهن ٿا پر ڀٽو جي ويزن کان منهن نٿا موڙي سگهن، ورڪرن کي مضبوط ڪنداسين، مفاهمت جو فلسفو شهيد راڻي جو آهي، اسان ان تي ڪاربند آهيون، زندگي جي معيار ۾ تبديلي کان سواءِ انقلاب نه ايندو، جيڪڏهن پارٽي جي منشور تي عمل نه ڪري سگهياسين ته چونڊن ۾ حصو نه وٺنداسين، ملڪ جا اصل دشمن دهشتگرد آهن انهن جو هر صورت ۾ خاتمو آڻينداسين. ڪالهه هتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي عهديدارن ۽ ورڪرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پارٽي جي ورڪرن کي مضبوط ڪنداسين، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سرحد صوبي ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمن جو اعلان ڪندي نوشهره ۾ قائم بينظير ڀٽو ڪامپليڪس کي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي عورت ايم پي ايز جي لاءِ هڪ، هڪ ڪروڙ رپيا ترقياتي فنڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته وزيراعظم ڪرم تنگي ڊيم ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم مالاڪنڊ ٽرنل ۽ خوشحال خان پل اڏڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته يوٿ کي سکيا ڏني ويندي ته جيئن اهي پرڏيهه ۾ آساني سان نوڪريون حاصل ڪري سگهن. وزيراعظم ان موقعي تي صوبي مان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هوڏانهن گورنر هائوس ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ يورپي سفيرن کي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اجلاس کي خطاب ڪندي برسلز جي تازي دوري جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته يورپي يونين پاڪستان جي لاءِ تعميري ۽ مثبت جذبا رکي ٿي، هن يورپي سفيرن کي ٻڌايو ته هن وقت اسان جون سڀئي توانايون دهشتگردي جي خاتمي ۽ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير تي آهن، هن چيو ته 2010ع عسڪريت پسندي سان متاثر علائقن جي ماڻهن جي دل ۽ دماغ کي کٽڻ جو سال آهي ۽ ائين نه ٿئي ته ان ۾ دير ٿي وڃي، وزيراعظم ان موقعي تي اجلاس جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي چيو ته مالاڪنڊ جي نئين سر تعمير سان گڏ متاثر علائقن جا آءِ ڊي پيز اسان جي لاءِ چيلينج آهن ۽ ان ڏس ۾ اسان يورپي يونين جي تعاون جو خير مقدم ڪيون ٿا، هن چيو ته پاڪستان تي معاشي دٻاءَ جي سبب اسان جي معيشت متاثر ٿي رهي آهي، وزيراعظم زور ڏنو ته پاڪستان جي ڪاميابي پوري دنيا جي ڪاميابي آهي، اسان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير جي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي. هاڻي پارٽنر ملڪن جي جواب جو انتظار آهي، ان کان اڳ سرحد صوبي جي هوم سيڪريٽري فياض طورو ۽ پاڪستان ڊزاسسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شڪيل قادر يورپي سفيرن کي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ خطي جي تاريخي پس منظر، سرحدي علائقن جي موجود صورتحال، چئلينجن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ضرورت، مقامي انتظاميا کي درپيش مسئلا، لاجسٽڪ سپورٽ وارا مسئلا ۽ فاٽا ريجنز جي ترقي وارن قدمن تي روشني وڌي. شڪيل قادر ٻڌايو ته متاثر علائقن جي مختصر مدت جي تعمير لاءِ 17 ارب رپين جي ضرورت آهي . هن چيو ته بحران کان بعد ضرورتن جي تخميني جي حوالي سان سڀني پارٽنرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ رپورٽ ايندڙ مهيني جي آخر تائين پيش ڪئي ويندي، هن ٻڌايو ته فاٽا ۽ ٻين علائقن ۾ وڏن منصوبن جي لاءِ 34 ارب رپين جي ضرورت آهي، فرينڊز آف پاڪستان پاران تعاون جي باري ۾ هن ٻڌايو ته يو اين ڊي ۽ اٽلي پنهنجا واعدا پورا ڪري، جڏهن ته باقي ملڪن جي واعدن جي تڪميل جو انتظار آهي، هن خاص طور تي نشاندهي ڪئي ته جيڪڏهن پاڪستان ترقياتي بجيٽ ۾ مسلسل ڪٽوتي ڪندو رهيو ته ان سان دهشتگردي خلاف پاڪستان جي صلاحيت گهٽجي ويندي ۽ انهن علائقن جي ترقي جو عمل سست ٿي ويندو، جنهن سان انتهاپسندي وڌيڪ پکڙجندي.