نئون مڪاني نظام 20 ڏينهن اندر ٺاهيو ويندو: سراج دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): مڪاني ادارن واري صوبائي وزير آغا سراج دراني چيو آهي ته نئون مڪاني نظام ايندڙ 20 ڏينهن اندر ٺاهيو ويندو، جنهن لاءِ اتحادين  سان صلاح مشورا جاري آهن. هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو مڪاني نظام لاڳو ٿئي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ايڊمنسٽريٽرن جي علائقن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جا منصوبا جاري رهندا ۽ ڪراچي جي شهري حڪومت شهر ۾ نهايت ئي اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڪراچي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪم پنهنجي مقرر مدي اندر پورا ڪيا ويندا. صوبائي وزير هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته مڪاني چوندن ۾ اتحادي پارٽين سان گڏجي  حصو وٺنداسين ۽ امڪان آهي ته صدر آصف علي زرداري هن هفتي ڪراچي جو دورو ڪندو. هن چيو ته طالبان اڳواڻ ملان عمر جو نياڻو معتسم جان پنهنجي سهري جيترو خطرناڪ آهي ۽ ڪراچي ۾ سخت قدمن سبب طالبان جا ڪيترائي اڳواڻ گرفتار ڪيا آهن. ٻئي طرف آغا سراج دراني ۽ ڪراچيءَ جي اڳوڻي نائب ناظم نسرين جليل ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته 10 کان 24 مارچ تائين ”همارا ڪراچي“ ميلو منعقد ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ موسيقي، شاعري، تاريخي دستاويزن تصويرن جي نمائش ۽ ٻيا پروگرام پيش ڪيا ويندا. ان موقعي تي پاڪستان آرٽس ڪائونسل جو سيڪريٽري احمد شاهه، ارشد محمود ۽ ٻيا به موجود هئا.