پاڪستان سان ڳالهين لاءِ آمريڪي دٻاءُ ناهي: من موهن

نئين دهلي (اي پي پي) ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه چيو آهي ته پاڪستان سان ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ ڀارت تي آمريڪا طرفان ڪو به دٻاءُ نه هو. سڌ سماءَ وارن  ذريعن مطابق پارليامينٽ ۾ صدر جي خطاب تي بحث جي پڄاڻي تي ايل ڪي آڏواڻي جي الزام جو جواب ڏيندي من موهن سنگهه چيو ته صدر اوباما جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪ-ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان آمريڪي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي. ياد رهي ته بي جي پي جي اڳواڻ 75 منٽن تائين پارليامينٽ ۾ ملڪي مسئلن ۽ پاڪ-ڀارت ڳالهين جي حوالي سان تقرير ڪئي ۽ پاڪ-ڀارت ڳالهين جي سلسلي ۾ آمريڪا طرفان دٻاءُ جو الزام لڳايو، ان دوران من موهن سنگهه تقرير جي وچ ۾ 2 ڀيرا مداخلت ڪئي ۽ چيو ته صدر اوباما سان ملاقاتن دوران اوباما واضح طور تي چيو آهي ته پاڪ-ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان آمريڪي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي. ايل ڪي آڏواڻي چيو ته بي جي پي پڻ پاڪستان سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿي.