سنڌ جي 193 ڳوٺن کي گئس ڏيڻ لاءِ ٺاهه ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت ۽ سئي سدرن گئس ڪمپني وچ ۾ هڪ ارب رپين جي لاڳت سان 193 ڳوٺن کي گئس ڏيڻ واري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. سنڌ جي وڏي وزير جي ترقي ۽  رٿابندي واري صلاحڪار قيصر بنگالي صحافين کي ٻڌايو ته هڪ ارب رپين جي لاڳت سان صوبي جي 193 ڳوٺن کي گئس جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ 9 ڳوٺن کي گئس ملي چڪي آهي، باقي 184 ڳوٺن کي 31 مارچ 2010ع تائين گئس فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ٻهراڙي جي عوام کي به بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان لاءِ حڪومت سنجيده قدم کڻي رهي آهي.