آئيني ڪميٽي 23 مارچ تائين ڪم مڪمل ڪري ڇڏيندي، ميڊيا ذميواري جو مظاهرو ڪري: ڪائره

اسلام آباد (اي پي پي) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير قمر زمان ڪائره چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڄ به دنيا ڪنهن اصول سبب اسان گڏ ناهي بيٺي پر خطري کي منهن ڏيندي اسان جو ساٿ ڏئي رهي آهي، ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکون ٿا، ميڊيا کي بزنس سان گڏ ذميواري جوبه مظاهرو ڪرڻ گهرجي، قانون جي ذريعي ذميواري پيدا نٿي ڪري سگهجي،ميڊيا پنهنجي لاءِ ضابطه اخلاق پاڻ جوڙي، عوام کان حقيقتون لڪائڻ جو دور ختم ٿي ويو،دنيا جو اقتصادي نظام بري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي، عدم مساوات، دولت جي غير منصفاڻي ورڇ، جهالت ۽ غربت انتهاپسندي جا وڏا سبب آهن. ڪالهه انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ حڪومت جي ڪردار جي حوالي سان سڌ سماءَ واري وزارت ۽ برطانيا جي تعاون سان منعقد ٽن ڏينهن جي ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.  صحافين سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير قمر زمان ڪائره اميد ظاهر ڪئي آهي ته آئيني سڌارن واري ڪميٽي 23 مارچ کان اڳ پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺندي، ڊاڪٽر عافيه صديقي کي قانوني معاونت فراهم ڪري رهيا آهيون، پي اينڊ پينشن ڪميشن جي رپورٽ ايندڙ مهيني اچي ويندي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ مهانگائي ۽ ٻين مسئلن کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدت جون سفارشون ڏيندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه انفارميشن اڪيڊمي سروس ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت جي ڪردار بابت ٽن ڏينهن واري ورڪشاپ جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. آئيني ترميمن جي لاءِ مارچ جي ٻئي هفتي ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي اطلاع بابت سوال تي وفاقي وزير چيو ته سيشن مارچ ۾ ٿيندو، پر ان جي صحيح تاريخ پارلياماني معاملن جي وزارت ٻڌائي سگهي ٿي، هن چيو ته وزيراعظم آئيني ترميمن جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنو آهي اسان سڀني جي اها راءِ آهي. هن چيو ته پارلياماني ڪميٽي وڏي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته 23 مارچ تائين اها ڪميٽي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سفارشون پيش ڪندي ۽ اسان ڪميٽي کي ڊڪٽيٽ نٿا ڪري سگهون. ڊاڪٽر عافيه صديقي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سرگوڌا ۾ 15 آمريڪي شهري حراست هيٺ آهن، جيڪڏهن آمريڪا اسان کان پنهنجا شهري گهري ٿو ته ضروري ناهي ته اسان انهن کي آمريڪا حوالي ڪريون. هن چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي حوالي سان پاڪستان پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيو آهي، ڊاڪٽر عافيه صديقي کي قانوني معاونت فراهم ڪري رهيا آهيون، ججن جي مقرري جي طريقيڪار جي حوالي سان وزيراعظم جي بيان جي حوالي سان هن چيو ته ججن جي مقرري جي طريقيڪار تي هن وقت بحث جاري آهي. جڏهن اسان اپوزيشن ۾ هئاسين ته ميثاق جمهوريت ۾ ٻن وڏين پارٽين ۾ طئي ٿيو هو ته جيڪڏهن ججن جي مقرري جي طريقيڪار تي اتفاق راءِ سان ڪا ڳالهه طئي ٿئي ٿي ته ان جي آجيان ڪريون ٿا. پي اينڊ پينشن ڪميشن جي رپورٽ جي حوالي سان هن چيو ته اها رپورٽ ايندڙ مهيني ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڪميشن مهانگائي جي شرح ۽ ٻين معاملن کي نظر ۾ رکي پنهنجو سفارشون ڏيندي. هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته قابل ماڻهو سرڪاري شعبن ۾ اچن.