|
ارسا مختلف رم اسٽيشنن تان 106910 ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪري
ڇڏيو |
 |
|
اسلام آباد (اي پي پي) ارسا جي اختيارين خميس ڏينهن مختلف
رم اسٽيشنن تان 106910 ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪيو آهي. ارسا
طرفان ڏنل انگ اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ وڌ ۾ وڌ پاڻي جي
سطح تربيلا وٽ
1394.08
فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا ڊيڊ ليول کان
25.08
فوٽ مٿي آهي. ڊيم ۾ پاڻي 29500 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو. جڏهن ته
35000 ڪيوسڪ جاري ڪيو ويو. ڪالا باغ، تونسا ۽ سکر وٽ
ترتيبوار 58493، 42201 ۽ 26230 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي.
منگلا وٽ جهلم درياهه ۾ پاڻي جي سطح
1051.30
فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ڊيڊ ليول کان
11.30
فوٽ مٿي آهي. جهلم درياهه ۾ 27279 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو.
جڏهن ته 35000 ڪيوسڪ جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪابل
درياهه مان 23100 ڪيوسڪ پاڻي، نوشهره وٽان جڏهن ته چناب
درياهه مان مرالا وٽان 13810 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. |
|
|
|
|
|
|