نواز کي بجلي چوريءَ جي خبر نه هئي، الزامن جي سياست تي يقين نٿا رکون:

پرويز اشرف

لاهور (آن لائن): پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير پرويز اشرف چيو آهي ته لاهو ر۾ نواز ليگ جي جلسي ۾ بجلي چوري واري واقعي جي جاچ مڪمل ڪرائي آهي. مون کي يقين آهي ته نواز ليگ سربراهه نواز شريف کي جلسي ۾ بجلي چوري جي خبر نه هئي. الزامن جي سياست تي يقين نٿا رکون. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ن ليگ جي جلسي ۾ ليسڪو جا ملازم موجود هئا، جن جي ذميداري هئي. پ پ نه ته الزامن جي سياست ڪندي آهي نه ڪنهن جو تماشو لڳائڻ چاهي ٿي، اسان کي هاڻي اڳتي ڏسڻو پوندو.