عدليه پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ ڄاڻي ٿي: خواجا شريف

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس خواجا محمد شريف چيو آهي ته عدليا پنهنجو احترام ڪرائڻ ۽ اختيار استعمال ڪرڻ ڄاڻي ٿي. بار ڪائونسل خيرپور ٽاميوالي جي وڪيلن ۽ وفدن سان ملاقات دوران چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ خواجا محمد شريف چيو ته عدالتون پاڪستان جي اندر انساني حقن جي پائمالي، ظلم، تشدد ۽ پوليس گردي جي واقعن کي هرگز برداشت نه ڪنديون جتي به انساني حقن جي پائمالي ۽ پوليس گردي جو واقعو ٿيندو عدالتون ازخود نوٽيس وٺڻ جون مجاز آهن ۽ ظلم ۽ ستم ڪرڻ وارن عناصرن کي هٿ ڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته غفلت ۽ ڪرپشن ڪندڙ آفيسرن کي به هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. اسان معاشري جي اندر ظلم ۽ ستم ۽ ناانصافي جو خاتمو ڪرڻ چاهيون ٿا.