4 مارچ سياسي رخ موڙي ڇڏيو، سنڌ جي ثقافت ۽ حقن لاءِ شاگرد عملي ڪردار ادا ڪن: قوم پرست

ڪراچي: 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي حوالي سان جساف سنڌ يوينورسٽي طرفان آرٽس فيڪلٽي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ٽنهي يونيورسٽين سنڌ، لمس ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي سوين شاگردن توڙي شاگردياڻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين بشير خان قريشي شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن سنڌ مٿان ظلم جي انتها هئي، جبر ۽ قهر جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، 4 مارچ 1967ع توڙي 1985ع واري دور جي شاگردن همٿ جو مظاهرو ڪيو، ڪاري دور خلاف پر امن احتجاج تي گوليون وسايون ويون هيون ان دور جي شاگرد جدوجهد کي سرخ سلام آهي، پر هن دور ۽ وقت جي ڳالهه ڪجي ٿي ته هينئر شاگرد ڪو به نمايان ڪردار ادا ناهن ڪري سگهيا.ان موقعي تي محمد راهمون چيو ته اڳ جي شاگرد سياست ۽ هن دور جي شاگرد سياست ۾ فرق آهي، اڳ ۾ شاگرد دل سان تعليم پرائيندا هئا هاڻي اها سوچ ناهي ان موقعي تي ساگر حنيف بڙدي، قربان مهر، راجا ڀٽي، فواد مشوري، شاهه حسين شاهه، ڊاڪٽر گلزار سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن ان موقعي تي جسقم چيئرمين عبدالواحد آريسر چيو آهي ته ڪي ڪي واقعا تاريخ کي جنم ڏيندا آهن ۽ اهي واقعا ئي هوندا آهن جيڪي تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيندا آهن، 4 مارچ جو ڏهاڙو به انهن ڏينهن ۾ شامل ٿئي ٿو جنهن سنڌ جو سياسي رخ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ 4 مارچ شاگرد جدوجهد جو ئي نتيجو هو جو ون يونٽ ٽٽي ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ جساف طرفان شاگرد جدوجهد جي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. عبدالواحد آريسر وڌيڪ چيو ته اسانکي نالن ۽ نعرن بجاءِ سنڌ سان محبتون منسوب ڪرڻ گهرجن جيئن ٻار پنهنجي ماءُ جي ڪوسي ڪک سان ڪندو آهي. هن چيو ته سنڌ تي 11 هزار حملا ٿيا آهن پر تنهن باوجود به سنڌ جو وجود قائم ۽ دائم آهي، هن وقت به سنڌ کي ثابت قدمي، اتساهه ۽ اڪير سان جدوجهد ڪرڻ جي جدوجهد آهي. سنڌ جو وجود به شاگردن جي باشعور جذبي سان سلهاڙيل آهي، نوجوان پنهنجا قبلا ۽ صفون درست رکن. ان موقعي تي اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، مسيح ڪالاڻي، اسحاق مشوري، منظور ڪلهوڙي، ساجن ڪلهوڙي، شفيق آريجي، نعيم پٺاڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين سرور سهتي گذريل ڏينهن جساف (محاذ) پاران گلشن حديد ۾ ڪوٺايل 4 مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سان ٻيون ته ڪيتريون نا انصافيون ٿي رهيون آهن پر هاڻ سنڌ جو جياپو پاڻي به بند ڪيو ويو آهي، جنهن تي اسين خاموش ٿي نه ويهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته 4 مارچ جو ڏهاڙو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو، ڇاڪاڻ ته ون يونٽ واري جدوجهد کان پوءِسنڌ جي شاگردن پهريون ڀيرو منظم طريقي سان سراپا احتجاج بڻجي ٻاهر نڪتا هئا. اوڀايي خان خشڪ خطاب ڪندي چيو ته هي ڪمپيوٽر جو دور آهي، پر سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم اڻ لڀ آهي، هن چيو ته سنڌ سکي ستابي آهي پر سنڌ جا وسيلا ان جي ڪتب نٿا اچن، جساف جي صدر سيد شهاب الدين شاهه، سنڌي پورهيت سنگت جي صدر سيد اصغر شاهه، علي نواز ٻٽ، جواد پيرزادي، لائق ٻٽ ۽ ٻين اڳواڻن به چار مارچ جي جلسي کي خطاب ڪيو ٻئي طرف جسقپ پاران 4 مارچ جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي ادبي ۽ صحافتي ڌرين شرڪت ڪئي، پروگرام جي صدارت جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ دودي ديشي ڪئي. ميهڙ ۾ عوامي جمهوري ڪائونسل پاران 4 مارچ جو ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ عوامي جمهوري ڪائونسل جي ڪارڪنن سميت مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين، وڪيلن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. 4 مارچ ڏهاڙي جي تقريب جي مک مهمان عوامي جمهوري ڪائونسل جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور نبي راهوجي خطاب ڪندي چيو ته 4 مارچ سنڌي شاگردن جو ايوبي آمريت، ون يونٽ، پنجاب جي هڪ هٽي ۽ بالادستي خلاف پهرين عظيم قومي جدوجهد هئي. هن چيو ته سنڌ انتهائي مشڪلاتن مان گذري پئي، هن 4 مارچ جي ڏهاڙي تي عوامي جمهوري ڪائونسل سنڌي قوم ۽ ٻين قوم پرستن کي سنڌ بچائڻ لاءِ گڏيل اتحاد ۽ جدوجهد جو سڏ ڏئي ٿي. سچوا جي مرڪزي اڳواڻ رياض چانڊيي، جسقم جي اڪبر کوکر، پ پ شهيد ڀٽو جي جنرل سيڪريٽري نياز ڀٽي، ايس ٽي پي جي سيد حبدار علي شاهه، وڪيل عبدالحليم ٻگهيي، س-ا-س جي مرڪزي اڳواڻ انور ڪانڌڙي، سجاد ڏهر ۽ ٻين خطاب ڪيو.