ڀارت ۾ مندر اندر ڀاڄ، 63 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

الزآباد (م ڊ): ڀارتي رياست اتر پرديش جي علائقي الزآباد ڀرسان سوامي ڪرپيالوجي منگڙهه مندر جو دروازو ٽٽڻ کانپوءِ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 63 ماڻهو چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. فوٿ ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جڏهن ته 15ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.