|
مهمند ۽ اورڪزئي ايجنسي ۾ آپريشن، 28 ويڙهاڪ مارجي ويا |
 |
|
پشاور (م ڊ): مهمند ۽ اورڪزئي ايجنسي جي مختلف علائقن ۾
سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ وڌيڪ 38 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
مهمند ايجنسي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي هٿياربندن جي حملي
بعد سيڪيورٽي فورسز مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن
ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ ڪيتري
ئي وقت تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 30 دهشتگرد
مارجي ويا. اورڪزئي ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي
فورسز جيٽ جهازن ۽ گن شپ هيليڪاپٽرن جي مدد سان شرپسندن
جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾8 دهشتگرد مارجي
ويا. مارجي ويل دهشتگردن جا لاش سيڪيورٽي فورسز تحويل ۾
وٺي ڇڏيا آهن. |
|
|
|
|
|
|